لوقا 15:15-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. انھيءَ ملڪ جي ھڪڙي ماڻھوءَ وٽ نوڪر ٿي بيھڻ لاءِ ويو جنھن کيس پنھنجن ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو.

16. ھو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار ھو، پر اھو بہ ڪنھن نہ ٿي ڏنس.

17. آخرڪار ھن پاڻ سنڀاليو ۽ پنھنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منھنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رھن، پر آءٌ ھتي بک پيو مران.

18. آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندم تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان،

19. ۽ ھاڻي انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان. مون کي پنھنجو ھڪڙو نوڪر سمجھي بيھاريو.“‘

20. سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.

21. تڏھن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان ۽ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان.‘

22. پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.

23. ھڪڙو ٿلھو متارو وھڙو آڻي ڪھو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملھايون،

24. ڇالاءِ⁠جو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا.

25. انھيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل ھو سو موٽي آيو. جڏھن گھر جي ويجھو پھتو تڏھن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين.

26. تڏھن ھڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’ھي ڇا پيو ٿئي؟‘

27. تنھن تي نوڪر چيس تہ ’تنھنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو، تنھنڪري تنھنجي پيءُ ٿلھو متارو وھڙو ڪھايو آھي.‘

لوقا 15