لوقا 13:9-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. جيڪڏھن پوءِ ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، ⁠نہ⁠تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“

10. ھڪڙي دفعي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ ويٺي تعليم ڏني.

11. اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي.

12. عيسيٰ جڏھن ھن کي ڏٺو تہ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو پنھنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“

13. عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.

14. پر عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“

15. خداوند کيس چيو تہ ”اي رياڪار! سبت جي ڏينھن ھر ڪو پنھنجي ڏاند يا گڏھہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آھي ڇا؟

لوقا 13