19. جيڪڏھن آءٌ بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ ڀلا اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍين؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا.
20. پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اوھان منجھہ اچي پھتي آھي.
21. جڏھن ڪو طاقت وارو ماڻھو پنھنجا ھٿيار پنھوار ٻڌي پنھنجي گھر جو پھرو ٿو ڏئي تہ گھر جو سڀ مالمتاع سلامت ٿو رھي.
22. پر جڏھن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻھو حملو ڪري مٿس غالب ٿو پوي، تڏھن کانئس ھٿيار پنھوار کسي ٿو وٺي، جن تي ھن کي ناز ھو ۽ پوءِ سندس مال ڦري ورھائي ٿو ڇڏي.
23. جيڪو مون سان نہ آھي، سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪريو ڇڏي.“