لوقا 1:70-75 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

70. جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي،پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو،

71. تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي،جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.

72. ھن پنھنجي واعدي موجب،اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي.

73. جيڪو قسم ھن اسان جي ڏاڏي ابراھيم سان کنيو ھو

74. تہ اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪري۽ اجازت ڏئي تہ اسين بنا ڪنھن خوف جي سندس عبادت ڪريون،

75. ۽ ھن جي اڳيان پنھنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينھنپاڪ ۽ نيڪ ھجون.

لوقا 1