16. پر اسان کي رڳو ايترو ڪرڻ کپي تہ جنھن منزل تائين پھتا آھيون، تنھن موجب ھلندا ھلون.
17. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين سڀيئي گڏجي مون وانگر ھلو ۽ انھن ماڻھن کي ڌيان ۾ رکو، جيڪي اھڙي نموني ٿا ھلن جھڙو اسان اوھان کي ڏنو آھي.
18. ڇالاءِجو گھڻا ئي اھڙا آھن، جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ھاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اھي پنھنجي ھلت چلت سان مسيح جي صليب جا دشمن آھن.