1. جيڪڏھن اوھان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري ڪا دلداري ملي آھي ۽ سندس محبت مان ڪا تسلي ٿي آھي ۽ پاڪ روح جي ڪا صحبت ۽ ڪا رحمدلي ۽ ھمدردي ملي اٿوَ،
2. تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھمخيال رھو.
3. ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.
4. اوھان مان ھر ھڪ رڳو پنھنجين ڳالھين تي نہ، پر ٻين جي ڳالھين تي بہ ڌيان ڏئي.
5. اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.