9. تنھنڪري اسين چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جيڪو ڏھون حصو اڳاڙي ٿو تنھن بہ ابراھيم جي وسيلي ڏھون حصو ڏنو.
10. ڇالاءِجو جڏھن ملڪصدق ابراھيم سان گڏيو، تڏھن لاوي اڃا پنھنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ ھو.
11. لاويءَ واري ڪاھنيءَ جي بنياد تي قوم کي شريعت ملي ھئي. سو جيڪڏھن انھيءَ ڪاھنيءَ جي وسيلي ڪا ڪماليت ھجي ھا تہ پوءِ ٻئي ڪاھن جي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جيڪو ھارون جي نہ، پر ملڪصدق جي طريقي ۾ شمار ڪيو وڃي.
12. ڇالاءِجو جڏھن ڪاھني بدلجي ٿي، تڏھن شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿيو پوي.