7. جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،
8. تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن چڙ ڏيارڻ واري مھل، يعني آزمائش جي ڏينھناوھان رڻپٽ ۾ ڪيو.
9. اتي اوھان جي ابن ڏاڏن منھنجي آزمائش ورتي،مون کي پرکيو۽ چاليھن سالن تائين منھنجا ڪم ڏٺائون.
10. تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس،۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليونھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون.انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘
11. تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“
12. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.
13. پر اوھين جيسين اڄوڪو ڏينھن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين ھر روز ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھجو، انھيءَ لاءِ تہ متان اوھان مان ڪو گناھہ جي فريب ۾ اچي سختدل نہ ٿي پوي.
14. ڇالاءِجو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.