1. جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابتقدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.
2. اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
3. انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو.