8. اھا ڳالھہ سچي آھي.سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.
9. پر بيوقوفيءَ جي بحث مباحثن، نسبنامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇالاءِجو اھي بيفائدا ۽ اجايا آھن.
10. تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.
11. تون ڄاڻي ڇڏ تہ اھڙو ماڻھو بگڙيل ۽ گنھگار آھي ۽ پاڻ کي ڏوھي ٿو ٺھرائي.
12. جڏھن آءٌ ارتماس يا تُخِڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏھن تون مون وٽ نڪوپلس شھر ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪج، ڇالاءِجو مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
13. زيناس وڪيل ۽ اپلوس کي اھڙي بندوبست سان روانو ڪج جيئن ھو ڪنھن شيءِ جا محتاج نہ ھجن.
14. اسان جي ماڻھن کي بہ گھرجي تہ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رھڻ سکن، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجين توڙي ٻين جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بيفائدہ زندگي نہ گذارين.