31. پر بني اسرائيل جيڪي اھڙيءَ شريعت جي ڳولا ۾ ھئا جنھن جي وسيلي ھو خدا ڏانھن سچار بڻجن، سي انھيءَ شريعت تائين بہ نہ پھتا.
32. ڇو؟ ڇالاءِجو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.
33. جيئن لکيل آھي تہ”ڏسو، صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واريھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو.پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو،سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“