رومين 15:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اسان مان جن جو ايمان مضبوط آھي سي رڳو پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھلن، پر ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن.

2. اسان مان ھر ھڪ کي پنھنجي پاڙيسريءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن ھن جي ايمان ۾ بہ واڌارو اچي.

3. ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“

رومين 15