21. ڇالاءِجو خدا يھودين کي بہ نہ ڇڏيو، جيڪي اصلي ٽارين وانگر ھئا، تہ پوءِ ھو اوھان کي ڪيئن ڇڏيندو؟
22. ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.
23. يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِجو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.