رومين 1:27-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. اھڙيءَ طرح مردن بہ زالن سان فطري ڪم ڇڏي ڏنو. ھو شھوت ۾ مست ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انھيءَ شھوت⁠پرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي.

28. جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.

29. ھو ھر طرح جي بڇڙائي، بدي، لالچ، بدنيتي، ريس، خون، جھيڙي، ٺڳي ۽ ساڙ سان ڀرجي ويا. ھو چغلخور،

رومين 1