اِفسين 6:1-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي ٻارؤ! خداوند جا ھئڻ ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇوتہ ائين ڪرڻ واجب آھي.

2. ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو،

3. تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي،۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“

4. اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.

اِفسين 6