30. انھيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو. ڇالاءِجو اھو روح اوھان تي انھيءَ ڏينھن لاءِ خدا جي مُھر آھي، جنھن ڏينھن تي اوھان جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿيندو.
31. ھر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، گوڙ ۽ گلا کي ھر طرح جي بدخواھيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.
32. ھڪ ٻئي تي مھربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جھڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوھان کي معاف ڪيو، تھڙيءَ طرح اوھين بہ ھڪ ٻئي کي معاف ڪندا رھو.