19. تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھموطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو.
20. اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.
21. اھو ئي سموري اڏاوت کي ڳنڍي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح خداوند جو ھڪ پاڪ گھر ٺھندو ۽ وڌندو ٿو وڃي.