2.ڪرنٿين 9:5-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. تنھنڪري مون ڀائرن کي اھو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ ھو اڳواٽ اوھان وٽ اچن ۽ جنھن نذراني جو اوھان انجام ڪيو آھي، سو پھريائين تيار ڪري رکن، تہ جيئن اھو زور زبردستيءَ سان گڏ ڪيل نہ، پر بخشش وانگر معلوم ٿئي.

6. ياد رکو تہ جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.

7. جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ دل ۾ جيترو ڏيڻ جو ارادو ڪيو آھي تيئن اوترو ئي ڏئي، نہ ڪُرڪي ڪنجھي ۽ نڪي لاچاريءَ سان، ڇوتہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.

8. خدا اوھان تي ھر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن ھر شيءِ اوھان وٽ ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي ضرورت کان گھڻي ھجي ۽ اوھين ھر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو.

9. جيئن پاڪ لکت ۾ آھي تہ”ھن ڪثرت سان ورھايو آھي،ھن غريبن کي ڏنو آھي،ھن جي سخاوت ھميشہ تائينقائم رھندي.“

10. خدا، جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوھان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيندو ۽ انھيءَ کي وڌائيندو. اھو ئي اوھان جي سخاوت جو ڦل بہ وڌائيندو.

2.ڪرنٿين 9