22. اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻتہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي.
23. طيطس جي باري ۾ ھي آھي تہ ھو منھنجو شريڪ ۽ اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آھي. اسان جي ٻين ڀائرن جي باري ۾ ھي آھي تہ اھي ڪليسيائن جا نمائندا آھن ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آھن.
24. تنھنڪري اوھين پنھنجي محبت ۽ اوھان تي اسان کي جيڪو فخر آھي، سو ڪليسيائن جي آڏو انھن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.