2.ڪرنٿين 10:3-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رھون ٿا، تنھن ھوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙھون.

4. ڇالاءِ⁠جو اسان جي لڙائيءَ جا ھٿيار دنياوي نہ آھن پر خدائي طاقت وارا آھن، جيڪي مضبوط قلعن کي بہ ڊاھيو وجھن.

5. اسين اجاين دليلن ۽ ھر ان وڏي رڪاوٽ کي ڊاھيون ٿا، جيڪا خدا جي سڃاڻپ جي برخلاف اڀري ٿي. اسين ھر ھڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جو فرمانبردار ٿا بڻايون.

6. اسين تيار ٿا رھون تہ جڏھن اوھان جي فرمانبرداري مڪمل ٿئي، تڏھن ھر طرح جي نافرماني ڪندڙ کي سزا ڏيون.

2.ڪرنٿين 10