20. ڇالاءِجو خدا جا جيترا بہ واعدا آھن، سي سڀ مسيح جي ڪري ”ھائو“ سان آھن. انھيءَ ڪري ان جي وسيلي اسان کان ”آمين“ بہ ٿي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي.
21. اھو خدا ئي آھي، جيڪو اسان ۽ اوھان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري قائم ڪري ٿو.
22. انھيءَ خدا اسان کي چونڊيو ۽ اسان جي دلين تي پنھنجي مالڪيءَ جي مُھر بہ ھنئي ۽ پاڪ روح اسان جي دلين ۾ وڌائين، جيڪو آئيندہ واعدي ڪيل نعمتن جو پھريون حصو آھي.