2.تيمٿيس 3:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پر ھي ڄاڻي ڇڏ تہ آخري زماني ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ايندا.

2. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو خود⁠غرض، پيسي جا يار، ٻٽاڪي، مغرور، بدزبان، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، بي⁠شڪرا ۽ ناپاڪ ٿي پوندا.

3. اھي محبت کان خالي، بي⁠رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن ھوندا.

2.تيمٿيس 3