1.ڪرنٿين 7:39-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

39. زال ايتري وقت تائين ٻڌل آھي جيستائين سندس مڙس جيئرو آھي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي ٿو تہ ھوءَ آزاد آھي، جنھن سان وڻيس تنھن سان پرڻجي، بشرطيڪ اھو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو ھجي.

40. منھنجي راءِ آھي تہ جيڪڏھن اھا نہ پرڻجي تہ وڌيڪ خوش رھندي ۽ آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آھي، جيڪو منھنجي ھدايت ڪري ٿو.

1.ڪرنٿين 7