4. تنھنڪري جيڪڏھن اوھان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آھن تہ انھن فيصلن لاءِ اوھين اھڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي اوھان جي ڪليسيا جا ئي نہ آھن؟
5. آءٌ چوان ٿو تہ اوھان کي شرم اچڻ گھرجي. ڇا اوھان ۾ ڪوبہ اھڙو سياڻو ڪونھي جيڪو اوھان ايمان وارن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟
6. پر اٽلندو ايمان وارو، ايمان واري تي ڪيس ٿو ڪري سو بہ بيدينن وٽ.
7. حقيقت ۾ اھا اوھان جي وڏي شڪست آھي جو اوھين ھڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو. ظلم سھڻ ڇو نہ ٿا بھتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟
8. بلڪ اوھين تہ خود ئي ظلم ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي.
9. اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِجو نہ حرامڪار، نڪي بتپرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊيباز،
10. نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.