14. ڇا فطرت اوھان کي نہ ٿي سيکاري تہ وڏا وار مرد لاءِ بيعزتيءَ جي شيءِ آھن؟
15. پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِجو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن.
16. جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“
17. ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻتہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.