6. تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي،
7. ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.
8. خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بيداغ ٺھرايا وڃو.