18. سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بيوقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي.
19. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”آءٌ ڏاھن جي ڏاھپ بيڪار ڪندس۽ عالمن جو علم رد ڪندس.“
20. ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بيوقوفي آھي؟