8. پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون.
9. ڇالاءِجو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.
10. ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.