14. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.
15. خبردار، ڪوبہ ڪنھن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ ھڪ ٻئي سان ۽ سڀني ماڻھن سان ھميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
16. ھر وقت خوش رھو.
17. سدائين دعا گھرندا رھو.
18. ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِجو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي.