1.ٿسلونيڪين 5:13-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو.اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو.

14. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.

15. خبردار، ڪوبہ ڪنھن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ ھڪ ٻئي سان ۽ سڀني ماڻھن سان ھميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

16. ھر وقت خوش رھو.

1.ٿسلونيڪين 5