1.ٿسلونيڪين 4:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.

2. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوھان کي خداوند عيسيٰ جي طرفان ڪھڙا ڪھڙا حڪم ڏنا.

3. سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.

4. اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،

5. يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.

1.ٿسلونيڪين 4