1.ٿسلونيڪين 1:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي.شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي ھجي.

2. اسين ھميشہ اوھان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد پيا ڪريون.

3. اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.

4. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين خدا جا پيارا ۽ چونڊيل آھيو.

5. ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين.

6. اوھين اسان وانگر ھليا ۽ خداوند جا پيروي ڪندڙ ٿي ويا، ڇوتہ گھڻي مصيبت جي ھوندي بہ اوھان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو.

7. ايتري قدر جو اوھين مڪدونيا ۽ اخيا پرڳڻن جي سڀني ايمان آڻيندڙن لاءِ نمونو ٿيا.

1.ٿسلونيڪين 1