5. ھو دنيا جا آھن، تنھنڪري ھو دنيا جون ڳالھيون ڪن ٿا ۽ دنيا انھن جي ٻڌي ٿي.
6. اسين خدا جا آھيون. جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آھي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انھيءَ مان اسان کي حق جي روح ۽ گمراھيءَ جي روح جي خبر پوي ٿي.
7. اي عزيزو! اچو تہ ھڪ ٻئي کي پيار ڪريون. ڇالاءِجو پيار خدا جي طرفان آھي ۽ جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ ھو خدا کي سڃاڻي ٿو.
8. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو خدا کي نہ ٿو سڃاڻي، ڇالاءِجو خدا پيار آھي.